لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستاني فوج تي تنقيد برداشت نه ڪنداسين، منهنجي مٿان تنقيد ته نواز شريف ۽ اياز صادق به ڪئي پر برداشت ڪئي.
قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽ جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي آڏو اچي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ بريفنگ کان پوءِ سوالن جا جواب آرمي چيف پاڻ ڏنا، پهريون سوال مشاهد حسين، ٻيون سوال شهباز شريف، ٽيون سوال بلاول ڀٽو زرداري ۽ چوٿون شاهه محمود قريشي ڪيو جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ وڌيڪ گپ شپ ماني واري ميز تي ٿي، بريفنگ جو مقصدملڪ جي سيڪيورٽي پاليسي جي سياسي اونر شپ وٺڻ هو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ماحول سٺو هو ۽ ڪنهن معاملي تي به تلخي ناهي ٿي جڏهن ته مخالف ڌر ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ برف ڳَرڻ لڳي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف طرفان اسپيڪر آفيس کي باقاعده چيو وي هو ته وزير اعظم اجلاس ۾ نه اچي.