مون تي نواز شريف به تنقيد ڪئي برداشت ڪيم پر فوج تي برداشت نه ڪندس: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستاني فوج تي تنقيد برداشت نه ڪنداسين، منهنجي مٿان تنقيد ته نواز شريف ۽ اياز صادق به ڪئي پر برداشت ڪئي.

قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽ جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي آڏو اچي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ بريفنگ کان پوءِ سوالن جا جواب آرمي چيف پاڻ ڏنا، پهريون سوال مشاهد حسين، ٻيون سوال شهباز شريف، ٽيون سوال بلاول ڀٽو زرداري ۽ چوٿون شاهه محمود قريشي ڪيو جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ وڌيڪ گپ شپ ماني واري ميز تي ٿي، بريفنگ جو مقصدملڪ جي سيڪيورٽي پاليسي جي سياسي اونر شپ وٺڻ هو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ماحول سٺو هو ۽ ڪنهن معاملي تي به تلخي ناهي ٿي جڏهن ته مخالف ڌر ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ برف ڳَرڻ لڳي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف طرفان اسپيڪر آفيس کي باقاعده چيو وي هو ته وزير اعظم اجلاس ۾ نه اچي.

Read Previous

آمريڪا سان امن جا ڀائيوار ٿي سگهون ٿا جنگ جا نه: وزيراعظم

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

Most Popular