آمريڪا سان امن جا ڀائيوار ٿي سگهون ٿا جنگ جا نه: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سان امن جو حصو ته بڻجي سگهون ٿا پر جنگ جو نه، اسان افغانستان ۾ رڳو امن چاهيون ٿا ۽ اهو ئي اسان جي مفاد ۾ آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم بجيٽ جي منظوري تي پارٽي ۽ اتحادين جا ٿورا مڃيا ۽ اپوزيشن کي چونڊ سڌارن جي ڳالهين جي دعوت ڏني.

هن چيو ته چونڊ سڌارا جمهوريت جو مستقبل آهي، هن ملڪ ۾ 1970 کانپوءِ سموريون چونڊون تڪراري ٿيون، سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ به تڪرار سامهون آيا، 2013 جي چونڊن ۾ 4 تڪ کولڻ جي درخواست ڏني، اڍائي سالن کانپوءِ چئني تڪن ۾ ڌانڌلي نڪتي، سڌارا نه ڪنداسين ته هر چونڊن ۾ ائين ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ اپوزيشن پهرئين ڏينهن ئي چيو ته چونڊون ٺيڪ نه ٿيون پر اهو نه ٻڌايو ته ڪيئن، صاف شفاف چونڊن جو هڪ ئي طريقو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ شفافيت ايندي، جيڪڏهن اپوزيشن وٽ ڪا تجويز آهي ته اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، اهو حڪومت يا اپوزيشن جو معاملو نه پر جمهوري مستقبل جو مسئلو آهي، وقت اچي ويو آهي ته چونڊون وڙهون ۽ ڪنهن کي ڳڻتي نه هجي ته ڌانڌلي ڪئي ويندي، اهڙيون چونڊون چاهيون ٿا، جنهن جا نتيجا هارائيندڙ به تسليم ڪري، چونڊ سڌارا نه ڪياسين ته ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهندا.

Read Previous

سائنو ويڪ جون وڌيڪ ويهه لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون

Read Next

مون تي نواز شريف به تنقيد ڪئي برداشت ڪيم پر فوج تي برداشت نه ڪندس: آرمي چيف

Most Popular