شهباز شريف جو پيغام مليو، جيڪڏهن وزير اعظم آيو ته هو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو: فواد چوڌري

سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وزير اعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيو پئي پر مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن پيغام ويو هو ته وزير اعظم ايندو ته هو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان جي دعا ۽ ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ پر امن حڪومت قائم ٿئي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ ڳالهيون ٿين.

سندس چوڻ هو ته طالبان جو حڪومت ۾ اچڻ ايترو سولو نه هوندو، اسان چاهيون ٿا ته افغان طالبان ۽ غني حڪومت ۾ ڳالهيون ٿين، 30 افغاني پاڪستان ۾ موجود آهن، وڌيڪ اچي ويا ته معاشي بهار وڌي ويندو.

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

Read Next

بلاول ڀٽو زرداري جي پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي حڪومت مٿان تنقيد

Most Popular