بلاول ڀٽو زرداري جي پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي حڪومت مٿان تنقيد

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ سان گڏ عوام دشمن بجيٽ جو پهريون نتيجو قوم کي ملي ويو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي رد عملي ڏيندي چيو ته مهانگي پيٽرول سليڪٽڊ وزير اعظم جي عزمن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. بجلي، گيس سميت سموريون ضرورت جون شيون وڌيڪ مهانگيون ٿينديون، وزير اعظم اوگرا جي آڙ ۾ عوام تي وار ڪري رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ معاشي ترقي ڪري رهيو آهي ته شين جي اگهن ۾ واڌ ڇو ٿي رهي آهي.؟

Read Previous

شهباز شريف جو پيغام مليو، جيڪڏهن وزير اعظم آيو ته هو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو: فواد چوڌري

Read Next

آصف علي زرداري جي طبيعت خراب، اسپتال ۾ داخل

Most Popular