افغانستان ۾ بدامني جو خدشو آهي، سياسي حل جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سبب وچ ايشيائي ملڪن سان واپاري رابطا متاثر ٿيندا.

گوادر ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ مفاهمتي يادداشتن جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان ترقي جي سفر ۾ پوئتي رهجي ويو پر هاڻ گوادر پاڪستان جي ترقي جي سفر جو مرڪز بڻجندو، انٽرنيشنل ايئرپورٽ گوادر کي دنيا سان ڳنڍيندو، ان سان بلوچستان سميت سڄي ملڪ کي فائدو ٿيندو.

هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ بدامني جو خدشو آهي، تاجڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي افغان مسئلي جو ساسي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن ٿئي، ايراني صدر سان به افغانستان جي معاملي تي ڳالهايو آهي، گهرو ويڙهه ٿي ته پناهگيرن جا مسئلا پيدا ٿيندا ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپاري رابطا به متاثر ٿيندا.

Read Previous

آصف علي زرداري خلاف پراپرٽي جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

Read Next

مريم نواز سان گڏ شهباز شريف جو به ڪشمير چونڊ مهم ۾ لَهڻ جو فيصلو

Most Popular