آصف علي زرداري خلاف پراپرٽي جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پراپرٽي جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب قومي احتساب بيورو (نيب) نيويارڪ ۾ آصف زرداري جي مبينا اپارٽمنٽ جي جاچ شرووع ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان نيب جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته مين هٽن نيو يارڪ ۾ توهان جو اپارٽمنٽ آهي جيڪو پاڪستان ۾ ظاهر ناهي ڪيو ويو، ظاهري طور تي اِهو اپارٽمنٽ خريدڻ لاءِ پاڪستان مان ڪا به قانوني رقم ناهي موڪلي وئي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس ٻيهر وڌڻ لڳا، مثبت ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو

Read Next

افغانستان ۾ بدامني جو خدشو آهي، سياسي حل جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

Most Popular