ايمن سليم اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو

ٽي وي اداڪارا ايمن سليم اداڪاري ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي آگاهه ڪندي ايمن سليم چيو ته هاڻي مان اداڪاري نه ڪنديس، گڏوگڏ هن مستقبل جي حوالي سان مداحن کي جلد آگاهي ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.

ايمن سليم انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان انڊسٽري سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهيان ۽ سدائين ان سان جڙيل رهنديس.

واضح رهي ته ايمن سليم پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سليم يوسف جي نياڻي آهي ۽ شوبز ۾ اچڻ کانپوءِ کيس ڀارتي اداڪارا ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي گهرواريءَ انوشڪا شرما سان به ڀيٽيو ويو هو ۽ ٻنهي کي هم شڪل قرار ڏنو ويو هو.

Read Previous

18 ورهين جي ايما ريڊوڪانو پهرين ئي گرينڊ سليم ٽورنامينٽ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ انگلينڊ کي وڏو ڌڪ، رانديگرن ۾ ڪورونا جي تصديق

Most Popular