پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ انگلينڊ کي وڏو ڌڪ، رانديگرن ۾ ڪورونا جي تصديق

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز کان اڳ انگلش اسڪواڊ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ 7 ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جي تصديق ڪئي آهي، جن ۾ 3 رانديگر ۽ 4 مئنيجمينٽ ميمبر شامل آهن.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته حڪومتي قانونن موجب ڪورونا جي ٽيسٽ هاڪاري ايندڙ ماڻهو قرنطينه اختيار ڪندا، جڏهن ته انگلينڊ ٽيم جي باقي ويجهن ميمبرن کي به آئسوليشن موڪليو ويو آهي ۽ سمورا ميمبر ڪورونا پروٽوڪولز تي عمل ڪندا.

اي سي بي موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ سيريز شيڊيول موجب ئي ٿيندي، جنهن لاءِ بين اسٽوڪس کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهو ٽيم جي اڳواڻي ڪندو، جڏهن ته نئين اسڪواڊ جو اعلان به جلد ڪيو ويندو.

Read Previous

ايمن سليم اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو

Read Next

آمريڪا بگرام هوائي اڏو رات جي اونداهي ۾ خاموشي سان خالي ڪري ڇڏيو

Most Popular