”اسان چريا ناهيون جو ايتري جدوجهد کان پوءِ ڊيل ڪيون“

مريم نواز

مسلم ليگ ن جي نائب صد مريم نواز چيو آهي ته هاڻ ڊيل ڇو ٿيندي ۽ ڪنهن سان ٿيندي؟ ڇا اسان پاڳل آهيون جو ايتري جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ ڊيل ڪنداسين.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته ان جا نتيجا پري تائين ويندا، اليڪشن چوري جي نتيجا انتهائي غلط هوندا، اليڪشن کي چوڪري ڪرڻ ڪوشش نه ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي عمل کي اغوا ڪري به توهان هارائجي ويندا آهيو، جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ شفاف ۽ غير جانبدار چونڊون ٿيون ته ن ليگ اڪثريت سان کٽيندي.

سوات ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي حوالي سان مريم نواز چيو ته مسلم ليگ ن ۾ ڪو اختلاف ناهي، نواز شريف آزاد ڪشمير جي اليڪشن جي ذميواري مون کي ڏني آهي، آئون اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف آهيان، سوات ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ منهنجي طرفان نمائندگي شهباز شريف ڪئي، شهباز شريف منهنجو ۽ مسلم ليگ ن جو صدر آهي، جتي شهباز شريف هجي اُتي منهنجي ضرورت ناهي هوندي.

مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم  وڏا مقصد حاصل ڪري ورتا آهن، پي ڊي ايم عوام کي باور ڪرايو ته ان کان وڌيڪ نااحل حڪومت ناهي آئي، قوم سڀ ڄاڻي چڪي آهي هنن جون حقيقتون آڏو اچي چڪيون آهن، سڄي پي ٽي آءِ پاڻ ۾ وچڙيل آهي، هي حڪومت جڏهن ويندي ته ٻيهر نه ايندي، ڇو ڊيل ٿيندي ۽ ڪنهن سان ٿيندي؟ ڇا اسان پاڳل آهيون جو ايتري جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ ڊيل ڪنداسين، جڏهن وقت ايندو ته حساب ڪتاب ٿيندو.

ن ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته بلوچ ايترا ئي پاڪستاني آهن جيترا توهان ۽ اسان آهيون، بلوچن کي پاڪستان سان جوڙي رکڻ گهرجي، بلوچن جي خدشن کي ختم ڪرڻ گهرجي، پر ناراض بلوچن کي پرچائڻ کان اڳ وزير اعظم هزاراه برادري ڏانهن وڃي گهرجي ها.

اسرائيل سان لاڳاپن جي خبرن جي حوالي سان صحافي سوال ڪيو ته ڪيترائي ميڊيا جا ادار اسرائيل سان لاڳاپن جي حوالي سان خبرون لِڪائي رهيا آهن پر ڪا به ترديد ناهي آئي، ڇا اسرائيل سان لاڳاپا قائم ٿيڻ پيا وڃن؟ جنهن تي مريم نواز جواب ڏنو ته مون ائين ٿو لڳي.

Read Previous

سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Read Next

پاڪستان: ڪورونا سبب 25 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو ريڪارڊ

Most Popular