پاڪستان: ڪورونا سبب 25 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو ريڪارڊ

پاڪستان عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 25 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 37 هزار 364 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 830 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 25 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22452 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 64 هزار 490 تائين وڃي پهتا آهن.

ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 714 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 8 هزار 648 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 33390 آهي.

Read Previous

”اسان چريا ناهيون جو ايتري جدوجهد کان پوءِ ڊيل ڪيون“

Read Next

هيٽي جو صدر اڻڄاتل جوابدارن هٿان پنهنجي گهر ۾ قتل

Most Popular