احسن اقبال جي گرفتاري نيب طرفان اختيار اورانگهڻ آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

عدالت احسن اقبال جي گرفتاري کي نيب طرفان اختيار اورانگهڻ قرار ڏئي ڇڏيو.

نارروال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ احسن اقبال جي ضمانت جي خلاف نيب ريفرنس تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو، 10 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو چيف جسٽس اطهر من الله طرفان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عدالت احسن اقبال جي گرفتاري کي نيب طرفان اختيار اورانگهڻ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب پنڊي احسن اقبال تي ڪرپشڻ جو الزام جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قبول ٿيل حقيقت آهي ته منصوبو شروع ڪرڻ جي تجويز نارروال جي عوام کي فائدو رسائڻ آهي، سي ڊي ڊبليو پي سميت مختلف لاڳاپيل فورمز طرفان منصوبي جي منظوري ڏني وئي، اِهو نه ريڪارڊ تي آهي نه الزام هنيو آهي ته احسن اقبال ان منصوبي مان مالي فائدو حاصل ڪيو.

Read Previous

عمر اڪمل پنهنجي غلطي مڃيندي معافي گهري ورتي

Read Next

افغانستان مان 90 سيڪڙو آمريڪي فوج نڪري وئي آهي: پينٽاگون

Most Popular