عمر اڪمل پنهنجي غلطي مڃيندي معافي گهري ورتي

قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪندي پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ سان گڏ معافي به ورتي آهي.

عمر اڪمل جو ويڊيو پيغام پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جاري ڪيو، جيڪو ري هيب جو حصو آهي.

پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ عمر اڪمل چيو ته گذريل سال مون کان غلطي ٿي، جنهن سان ڪيريئر ۽ ڪرڪيٽ کي نقصان ٿيو، ڪجهه ماڻهن مون سان رابطو ڪيو پر مان وقت تي پي سي بي اينٽي ڪرپشن کي نه ٻڌايو.

هن چيو ته فڪسنگ جي آڇ جي حوالي سان وقت تي نه ٻڌائڻ تي مان 12 مهينا پابندي کي منهن ڏنو، اعتراف ٿو ڪيان ته منهنجي غلطي سبب پاڪستان جي بدنامي ٿي.

عمر اڪمل چيو ته مان پنهنجي فيملي، پي سي بي ۽ ڪرڪيٽ مداحن کان معافي ٿو گهران، گڏوگڏ رانديگرن کي درخواست ٿو ڪيان ته توهان ملڪ ۽ راند جا سفير آهيو، ڪنهن به شڪي سرگرمي کان پري رهو، جيڪڏهن ڪو شڪي شخص توهان سان رابطو ڪري ته فوري طور پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي آگاهه ڪيو ته جيئن توهان جو دامن ۽ ڪيريئر پاڪ رهي.

Read Previous

سياسي اتحادي هٿ ٺوڪئي کي ڪيرائڻ ۾ سنجيده ناهن: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

احسن اقبال جي گرفتاري نيب طرفان اختيار اورانگهڻ آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Most Popular