ڪينجهر ڍنڍ ۾ 3 نوجوان ٻڏي فوت

ڪينجهر ڍنڍ ۾ 3 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا.

ٻڏي ويل ٽنهي نوجوانن جون عمرون 15 کان 17 سالن جي وچ ۾ ٻڌايون ويون آهن ۽ انهن جو واسطو ڪراچي جي علائقي گلشن حديد سان آهي.

فوتي نوجوان گهر ڀاتين سان گڏ پڪنڪ تي آيل هئا ۽ وهنجندي گهري پاڻي ۾ هليا ويا.

اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون پر ٻڏي ويل نوجوانن جا مڙهه مقامي ٽوٻن ذريعي ڪڍيا ويا، جن کي اسپتال نيو ويو.

Read Previous

افغانستان مان 90 سيڪڙو آمريڪي فوج نڪري وئي آهي: پينٽاگون

Read Next

خواجه آصف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت جو لکت ۾ فيصلو جاري

Most Popular