خواجه آصف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت جو لکت ۾ فيصلو جاري

لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته خواجه آصف جي خلاف اڃان تائين ريفرنس داخل ناهي ڪيو ويو. ڪنهن به جوابدار کي اڻڄاڻايل مدي تائين جيل ۾ نٿو رکي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي خواجه آصف جي ضمانت جو 18 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف جي خلاف اڃان تائين ريفرنس داخل ناهي ڪيو ويو. نيب موجب ليگي اڳواڻ جي خلاف جاچ جاري آهي. جڏهن ته ريفرنس به منظوري جي لاءِ اماڻيو ويو آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته خواجه آصف جي وڪيل موجب خواجه آصف کان پڇاڳاڇا مڪمل ٿي چڪي آهي. هن کان ڪابه ريڪوري ناهي ٿي. ان ڪري عدالت خواجه آصف جي  ضمانت منظور ڪري ۽ سندس آزادي جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

Read Previous

ڪينجهر ڍنڍ ۾ 3 نوجوان ٻڏي فوت

Read Next

انگلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم 141 رنسن تي ڍير

Most Popular