افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم

عمران خان

) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي لاءِ ضروري آهي.

تاشقند ۾ ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان جي صدر ۽ مون گذريل ملاقات ۾ به واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون هيون، پاڙيسري ملڪن سان واپار ڪرڻ سان جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو آهي، پاڪ افغان ازبڪستان ريلوي منصوبي سان خطي ۾ انقلاب ايندو.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي جي لاءِ ضروري آهي، اتي پرامن سياسي حل جا خواهشمند آهيون، ازبڪستان جي صدر ۽ مان گذريل ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ خطي تي پوندڙ اثرن بابت به ڳالهيون ڪيون هيون.

Read Previous

صدر عارف علوي جو آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي، 47 فوتگيون رپورٽ

Most Popular