ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي، 47 فوتگيون رپورٽ

پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۽ فوتگين جي سلسلي ۾ واڌ ڏسڻ ۾ پئي اچي ۽ اڄ به عالمي وبا سبب 47 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته 2545 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 48 هزار 910 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2545 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 47 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.2 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22689 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 81 هزار 392 تائين پهچي ويا.

Read Previous

افغانستان ۾ امن پاڙيسري ملڪن ۽ خطي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم

Read Next

عيد جو تحفو، حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا

Most Popular