ويڪسينيشن باوجود نصرت سحر عباسي ڪورونا ۾ مبتلا

جي ڊي اي سان واسطو رکندڙ سنڌ اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي.

نصرت سحر عباسي سان گڏ سندس مڙس ۽ ٻن ڌيئرن جي ڪورونا ٽيسٽ پڻ هاڪاري آئي آهي.

ان حوالي سان نصرت سحر عباسي ٻڌايو ته اسان 5 فيملي ميمبرن مان چئن سائنو فام ويڪسين لڳرائي هئي، هڪ ڌيءَ 18 ورهين کان ننڍي آهي، جنهن جي ويڪسينيشن نه ٿي هئي.

سندس چوڻ هو ته اسان هڪ هفتي کان آئسوليٽ آهيون، سڀني کي دعا ۽ احتياط جي درخواست ڪيان ٿي، ڇو ته تڪليف تمام گهڻي آهي.

Read Previous

قطر ويندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

Read Next

ديا مرزا پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو

Most Popular