قطر ويندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

قطر پاڪستانين کي خوشخبري ٻڌائيندي ويزا آن ارائيول جي سهولت بحال ڪري ڇڏي.

قطري حڪومت طرفان ان حوالي سان تحريري حڪم به جاري ڪيا ويا آهن ۽ نئين پاليسي به متعارف ڪرائي وئي آهي.

نئين پاليسي موجب قطر ويندي ئي هاڻ پاڪستان کي ايئرپورٽ تي آن ارائيول ٽورسٽ ويزا ڏني ويندي.

پاڪستاني شهرين لاءِ 6 مهينن تائين استعمال لائق پاسپورٽ ۽ ريٽرن ٽڪيٽ جو شرط هوندو، جڏهن ته آن ارائيول ٽورسٽ ويزا لاءِ 100 قطري ريال فيس ادا ڪرڻي پوندي.

قطر ويندڙن جي ڪورونا ويڪسينيشن، ٻارن لاءِ پوليو ويڪسينيشن ضروري هوندي ۽ سفر ڪندڙن کي ڪورونا جي ناڪاري رپورٽ به گڏ آڻڻي پوندي.

Read Previous

عيد جو تحفو، حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا

Read Next

ويڪسينيشن باوجود نصرت سحر عباسي ڪورونا ۾ مبتلا

Most Popular