وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن به طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪيو.
تاشقند ۾ سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي علائقائي ملڪن جي وچ ۾ ڪانفرنس کي خطاب ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته خطي جو امن ۽ سلامتي سڀني کان اهم آهي، افغانستان سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿوجڏهن اسان جي ترجيح افغانستان ۾ استحڪام آهي، افغانستان ۾ بدامني جو اثرپاڪستان به پوندو آهي.
هن چيو ته گوادر پورٽ تي معاشي سرگرميون 2019ع کان شروع ٿيون، سي پيڪ بي آر آءِ جو فليگ شپ منصوبو آهي، اميد ڪيون ٿا ته سي پيڪ علائقائي رابطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.