حڪومت اٽو 150 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه 90 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو

اي سي سي اجلاس ۾ اٽي جو ٿيلهو 150 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 90 رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 17 رپيا واڌ ڪئي وئي، يوٽيلٽي اسٽور تي 68 رپين بدران 85 رپيا في ڪلو کنڊ موجود هوندي، اهڙي طرح 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 150 رپيا مهانگو ڪيو ويو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 800 رپين کان وڌائي 950 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

اي سي سي اجلاس ۾ في ڪلو گيهه جي قيمت 90 رپيا وڌائي وئي آهي، 170 رپيا ڪلو ملندڙ گيهه هاڻ 260 رپيا في ڪلو ۾ ملندو.

Read Previous

”طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا ناهي ڪيو“

Read Next

پاڪستان: ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، 2 مهينن کان پوءِ شرح 6 سيڪڙو ريڪارڊ

Most Popular