”طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا ناهي ڪيو“

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن به طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪيو.

تاشقند ۾ سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي علائقائي ملڪن  جي وچ ۾ ڪانفرنس کي خطاب ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته خطي جو امن ۽ سلامتي سڀني کان اهم آهي، افغانستان سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿوجڏهن اسان جي ترجيح افغانستان ۾ استحڪام آهي، افغانستان ۾ بدامني جو اثرپاڪستان به پوندو آهي.

هن چيو ته گوادر پورٽ تي معاشي سرگرميون 2019ع کان شروع ٿيون، سي پيڪ بي آر آءِ جو فليگ شپ منصوبو آهي، اميد ڪيون ٿا ته سي پيڪ علائقائي رابطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.

Read Previous

نيوزيلينڊ جي پاڪستان دوري دوران ٽي ٽوئنٽي ميچن جو انگ وڌائڻ جي تجويز

Read Next

حڪومت اٽو 150 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه 90 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو

Most Popular