پاڪ – ويسٽ انڊيز سيريز: ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر

ڪورونا وائرس پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز تي به اثرانداز ٿي ويو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه ويسٽ انڊيز ۾ موجود آهي، جنهن کي ميزبان ٽيم خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي هئي پر ڪورونا وائرس سبب هڪ ميچ جو انگ گهٽايو ويو آهي.

ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن ۾ ون ڊي سيريز دوران ڪورونا جي انٽري کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب 27 جولاءِ تي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ميچ ختم ڪئي وئي آهي.

Read Previous

عائزا خان ڪورونا جا ٻئي ڊوز لڳرائي ڇڏيا

Read Next

گم ٿيل شهري جي بازيابي تائين وارثن کي سندس پگهار برابر ماهوار ادائيگي جو حڪم

Most Popular