گم ٿيل شهري جي بازيابي تائين وارثن کي سندس پگهار برابر ماهوار ادائيگي جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  متحده عرب امارات  مان موڪلن تي آيل گم ٿيل شهري جي وارثن کي بازيابي تائين هن جي پگهار جي برابر ماهوار ادائيگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

مئي 2015ع ۾ گم ٿيل شهري بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ ٿي.

چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته 30 جون تي معاوضي جي ادائيگي جو حڪم ڏنو هو، عمل ڇو نه ٿيو؟

ڊپٽي اٽارني جنرل طيب شاهه گهرو وزارت جو 16 جولاءِ تي لکيل خط عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته گم ٿيل شهري جي درخواستگذار  ماءُ خط لکيو آهي ته پٽ جي سيلري (پگهار) سلپ جمع ڪرايو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم کان پوءِ ان ليٽر جي ڪا به ضرورت نه هئي، پٽيشنر جي حلفي بيان جي روشني ۾ معاضي جي ادائيگي ڪئي وڃي.

گم ٿيل شهري جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو ته 19 مئي 2015ع ۾ پٽ جي گم ٿيڻ وقت سندس پگهار 3 هزار درهم هئي.

درخواستگذار عورت جي وڪيل جو چوڻ هو ته گم ٿيل شهري متحده عرب امارات ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ ملازم هو ۽ موڪل تي پاڪستان آيو هو ته گم ٿي ويو.

Read Previous

پاڪ – ويسٽ انڊيز سيريز: ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ بُري خبر

Read Next

”آزاد ڪشمير حڪومت ۾ شفافيت ۽ احتساب قائم ڪنداسين“

Most Popular