آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ڪاميابي تي وزيراعظم عمران خان ڪشميري عوام جا ٿورا مڃيا آهن.
وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف تي اعتماد ڪرڻ تي ڪشمير جي عوام جو ٿورائتو آهيان، چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ سڀني اميدوارن کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، ڪشميري عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ احساس ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرام تي ڌيان ڏينداسين.