”نواز شريف فوجي نرسرين مان نڪتو ۽ انهيءَ خلاف بدزباني پيو ڪري“

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف فوجي نرسرين مان نڪتو آهي ۽ انهيءَ فوج جي خلاف بدزباني پيو ڪري جڏهن ته سڄي زندگي به لڳو رهي ته هي اقتدار جو منهن نه ڏسي سگهندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پي ٽي آءِ ڪشمير ۾ اڪيلي حڪومت بڻائي رهي آهي ۽ مون پهرين ئي چيو هو ته هي ڪشمير اليڪشن تي روئندا، ڪشمير اليڪشن بابت جو چيو اُهو ئي ٿيو، 2023ع ۾  به عمران خان جي حڪومت بڻجندي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ به تحريڪ انصاف حڪومت بڻائيندي، پيپلز پارٽي وڏو پيسو خرچ ڪري ٻن ٽن سيٽن جي واڌ ڪئي آهي.

هن چيوو ته نواز شريف فوجي نرسرين مان نڪتو آهي ۽ انهيءَ فوج جي خلاف بدزباني ڪندو آهي جڏهن ته سڄي زندگي به لڳل رهي پر هي اقتدار جو منهن نٿو ڏسي سگهي، غير ذميواراڻي زبان ختم ڪرڻ تائين هن جو ڪو مستقبل ناهي، نواز شريف جي هڪ ئي ايجنڊا آهي، اينٽي آرمي، اينٽي اسٽيبلشمنٽ ۽ اينٽي عمران خان، اسان هنن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، چارٽرڊ جهاز ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اُتي ويهي اينٽي اسٽيٽ ۽ اينٽي عمران خان تقريرون نه ڪري، نواز شريف مودي سان گڏ پڳ تبديل ڪري سگهي ٿو.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته هزارن جي انگ ۾ پرڏيهي غير قانوني طور تي رهي رهيا آهن، پاڪستان ۾ سالون سال کان ويزا وڌائڻ کان سواءِ رهندڙن کي 14 گسٽ جو ٽائم ڏئي رهيو آهيان ان ڪري جيڪي به پرڏيهي بنا ويزا وڌائڻ جي پاڪستان ۾ آهن اُهي 14 آگسٽ تائين پاڪستان کي ڇڏي وڃن، جيڪڏهن هي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪن ته فيس معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

Read Previous

ن ليگ جو آزاد ڪشمير چونڊن جا نتيجا مڃڻ کان انڪار

Read Next

افغانستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي شرح 47 سيڪڙو تائين وڌي وئي

Most Popular