افغانستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي شرح 47 سيڪڙو تائين وڌي وئي

گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ افغانستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي شرح ۾ 47 سيڪڙو واڌ جو انڪشاف ٿيو آهي.

هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن دوران افغانستان ۾ جاري پرتشدد ڪارروائين ۾ مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙ شهرين جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ان ئي عرصي دوران 47 سيڪڙو وڌي وئي آهي.

گڏيل قومن جي اڄ سومر ڏينهن جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب جنوري کان جون تائين 1659 افغان شهري مارجي ويا ۽ 3254 زخمي ٿيا.

Read Previous

”نواز شريف فوجي نرسرين مان نڪتو ۽ انهيءَ خلاف بدزباني پيو ڪري“

Read Next

ڪبريٰ خان شاديءَ کي آزادي تي پابندي قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular