ڪبريٰ خان شاديءَ کي آزادي تي پابندي قرار ڏئي ڇڏيو

ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان چيو آهي ته اڪيلائيءَ جي جهڙي آزادي شادي کانپوءِ ناهي.

ڪبريٰ خان ۽ اداڪار گوهر رشيد تازو هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهن پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ميزبان اداڪارا کان شادي جي حوالي سان سوال ڪيو، جنهن تي ڪبريٰ چيو ته مون کي هاڻي ان ڳالهه جو احساس ٿي رهيو آهي ته جيڪا آزادي اڪيلائپ ۾ آهي، اها ڪنهن ٻئي سان رهڻ ۾ ناهي، پنهنجي ذات لاءِ جيڪو ڪم اسان اڪيلا رهي ڪري سگهون ٿا، اهو ڪنهن سان گڏ رهي نٿا ڪري سگهون.

Read Previous

افغانستان ۾ شهرين جي مارجڻ جي شرح 47 سيڪڙو تائين وڌي وئي

Read Next

اينڊي فلاور شاهنواز ڏاهاڻي کي سون جي دل وارو انسان قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular