پاڪستان پناهه ورتل فوجين کي افغان حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته افغان فوج جي 5 آفيسرن سميت 46 فوجين کي نواپاس باجوڙ ۾ افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب افغان فوجين کي رات 12 لڳي 35 منٽن تي افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر جو ٻڌائڻ آهي ته افغان فوج ۽ بارڊر پوليس جي جوانن کي 25 جولاءِ تي چترال جي ارونڊ سيڪٽر ۾ انهن جي درخواست تي پاڪستان ۾ محفوظ رستو ڏنو ويو هو، لازمي ڪليئرنس کان پوءِ افغاني فوجي پنهنجي هٿيارن، گولي بارد ۽ مواصلاتي اوزارن سان گڏ پاڪستان ۾ داخل ٿيا هئا جن کي رات هٿيارن ۽ ساز سامان سان گڏ هنن جي درخواست تي افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.

Read Previous

خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد

Read Next

صبا قمر جو عورتن جي تحفظ لاءِ مردن کان مطالبو

Most Popular