خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد

سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي آهي ته ماتحت عدالت ريفرنس جو فيصلو جلد ڪري.

عدالت عاليه خورشيد شاهه جي ضمانت بابت 11 صفحن تي ٻڌل فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وڏي حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته خورشيد شاهه کي سموريون سهولتون اسپتال ۾ مليل آهن، جنهن شخص هڪ ڏينهن به جيل ۾ ناهي گذاريو، ان جي ضمانت جيل ۾ ڏکيائين جي جي ڪري ڪيئن منظور ٿي ڪري سگهجي؟

Read Previous

”پي ٽي آءِ تڪ 38 جي تقدير تبديل ڪرڻ پئي وڃي“

Read Next

پاڪستان پناهه ورتل فوجين کي افغان حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو

Most Popular