ٽوڪيو اولمپڪس: پاڪستان جي ماحور شهزاد کي پهرين ئي ميچ ۾ شڪست

ٽوڪيو اولمپڪس ۾ عورتن جي بيڊمنٽن سنگلز ايونٽ ۾ پاڪستان جي ٽاپ سيڊ رانديگرياڻي ماحور شهزاد کي شروعاتي ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

عورتن جي بيڊمنٽن جي سنگلز ايونٽ ۾ پاڪستان جي ماحور شهزاد کي جاپان جي ايڪاني ياماگوچي 21-3 ۽ 21-8 کان آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستاني شوٽر گلفام جوزف ميڊل رائونڊ جي لاءِ ڪواليفائي نه ڪري سگهيو. مينز 1 ميٽرايئر پسٽل ۾ گلفام جوزف جي نائين پوزيشن رهي.

فائنل رائونڊ جي لاءِ اٺ شوٽرز کي ڪواليفاءِ ڪرڻو هو. ڪواليفڪيشن رائونڊ ۾ هڪ موقعي تي گلفام جوزف جي ستين پوزيشن ٿي وئي آهي. پر گلفام جوزف ستين پوزيشن برقرار نه رکي سگهيو.

Read Previous

صبا قمر جو عورتن جي تحفظ لاءِ مردن کان مطالبو

Read Next

ڀارتي پوليس جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، ڇهه اهلڪار مارجي ويا، پنجاهه کان وڌيڪ زخمي

Most Popular