ڀارتي پوليس جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، ڇهه اهلڪار مارجي ويا، پنجاهه کان وڌيڪ زخمي

ڀارت ۾ بن رياستن جي پوليس هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 اهلڪار مارجي ويا. جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

اهو واقعو ڀارتي رياست آسام ۽ ميوزرام جي پوليس وچ ۾ سرحدي تڪراري جي معاملي تي پيش آيو. ميڊيا رپورٽ موجب فائرنگ جو واقعو ٻنهي رياستن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري سرحدي تڪرار جي معاملي تان پيش آيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران زخمي ٿيندڙن اهلڪارن جو تعلق ٻنهي رياستن سان آهي جڏهن ته مارجي ويل پوليس اهلڪارن جو تعلق آسام سان آهي.

Read Previous

ٽوڪيو اولمپڪس: پاڪستان جي ماحور شهزاد کي پهرين ئي ميچ ۾ شڪست

Read Next

شهزور ڪاشف ڪي ٽو سَر ڪندڙ ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻجي ويو

Most Popular