پاڪستان ۾ 2 مهينن کان پوءِ ڪورونا وائرس جا 4 هزار کان وڌيڪ ڪيس ريڪارڊ

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 44 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ ٻن مهين کان ڪورونا جا 4 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 52 هزار 291 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4119 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 44 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

پاڪستان ۾ آخري ڀيرو 21 مئي تي ڪورونا جا 4 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا هئا ۽ ان ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا سبب 88 فوتگيون به ٿيون.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.8 سيڪڙو رهي.

Read Previous

جڏهن گهڻو مينهن وسندو آهي ته گهڻو پاڻي ايندو آهي: سعيد غني جي وزير اعظم تي طنز

Read Next

مريم نواز جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچي وئي

Most Popular