مريم نواز جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچي وئي

مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز شرف جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچي وئي.

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته مريم نواز شريف جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ پازيٽيو اچي وئي آهي، جنهن جي ڪري هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي. مريم اورنگزيب مريم نواز سميت سمورين مرضن جي جلد صحتيابي جي دعا جي اپيل به ڪئي.

مريم نواز اپريل ۾ به ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي هئي جنهن جي رپورٽ ناڪاري آئي هئي. تازو ئي مريم نواز آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اليڪشن مهم ڀرپور طريقي سان هلائي آهي ۽ جلسن جلوسن ۾ حصو ورتو آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ 2 مهينن کان پوءِ ڪورونا وائرس جا 4 هزار کان وڌيڪ ڪيس ريڪارڊ

Read Next

منشيات فروش ۽ پيداوار ۾ ملوث قومي سلامتي لاءِ خطرو آهن: آرمي چيف

Most Popular