اين سي او سي سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪري ڇڏي

اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته شهرن کي هفتن لاءِ بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، مڪمل لاڪ ڊائون کانپوءِ ڪورونا وبا تيزي سان پکڙبي آهي.

اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 7.5 سيڪڙو آهي، نازڪ حالت مريضن جو انگ ٽن هزارن کان مٿي چڙهي ويو آهي.

خاص معاون جو چوڻ هو ته ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ دٻاءُ وڌي رهيو آهي، خاص ڪري ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، ڪراچي ۾ پنجاهه سيڪڙو بيڊن تي ڪورونا جا مريض موجود آهن.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 76 فوتگيون، 4497 نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

”پارٽي تياريون ڪري ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون“

Most Popular