لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون، پيپلز پارٽي کي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وڏين قوتن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته پاڻ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻو پوندو.
آزاد ڪشمير چونڊن تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ کليل نموني ڌانڌلي ٿي رهي آهي، ڌانڌلي جي باوجود پ پ وڏي مخالف ڌر پارٽي جي طور تي آڏو آئي آهي.
هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ به پي ٽي آءِ کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهيون، ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون، پ پ کي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان وفاق ۽ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ڪيو.