فحش فلمن جو ڪيس: راج ڪندرا جي آمدني جا تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي پوليس طرفان اداڪاره شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا ۽ ان جي بزنس پارٽنر ريان وچ ۾ موبائيل ۽ ميڪ بڪ تي هاٽ شاٽ ايپ جي آمدني بابت ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي. پر هاڻ ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ راج ڪندرا جي آمدني جا تفصيل شيئر ڪيا ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب راج ڪندرا گذريل سال آگسٽ کان ڊسمبر تائين ان ايپ مان هڪ ڪروڙ 17 لک  ڀارتي روپيه(2 ڪروڙ 34 لک کان وڌيڪ پاڪستاني روپيه) ڪمايا. جڏهن ته راج ڪندرا کي گوگل ايپ ۽ ايپل اسٽور تان به منافعو حاصل ٿيو.

رپورٽ موجب راج ڪندرا کي فلمن مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان تيزي سان اضافو ٿيو ۽ هو 2023 تائين 34 ڪروڙ ڀارتي روپيه(68 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني روپيه) ڪمائڻ چاهيا ٿي. ياد رهي ته بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي ڪجهه ڏينهن اڳ فحش فلمون ٺاهڻ ۽ ان کي موبائيل ايپس تي ڦهلائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

Read Previous

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪيورٽي وفد ايندڙ مهيني پاڪستان پهچندو

Read Next

سڀاڻي کان سموري سنڌ ۾ 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون

Most Popular