سڀاڻي کان سموري سنڌ ۾ 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون

سنڌ حڪومت ڪورونا جي وڌندڙ صورتحال کي ڏسندي صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، طبي ماهررن ۽ پي ايم اي جي نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ سياسي جماعتن جي پارلياماني اڳواڻن کي به گهرايو ويو هو، ان سان گڏوگڏ ڊي جي رينجرز سنڌ به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ نئين پابندين سان گڏ 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون لاڳو هوندو، لاڪ ڊائون دوران ايڪسپورٽ ڪمپنين کي پيدواري عمل جاري رکڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور، گروسري، فروٽ، سبزين، بيڪرين ۽ کير جي دڪانن تي پابنديون نه هونديون.

وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته سموريون مارڪيٽون بند رهنديون، ايندڙ هفتي کان سرڪاري آفيسون به بند ڪيون وينديون، 31 آگسٽ کانپوءِ ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون پگهارون بند ڪيون وينديون، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته رستن تي اچڻ وارن ماڻهن جو ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو.

اجلاس کانپوءِ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سال جيان مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ناهي ڪيو، ڪراچي جي ماڻهن کي گذارش ڪندس ته جزوي لاڪ ڊائون کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ساٿ ڏنو وڃي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 25 سيڪڙو کان مٿي وڌي وئي آهي، 9 آگسٽ تي لاڪ ڊائون کوليو ويندو.

وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ٿو ڪيان ته لاڪ ڊائون ڪامياب ڪرڻ لاءِ اسان جي مدد ڪيو، احتياط نه ڪيو ويو ته ڊيلٽا وائرس وڌي ويندو، ڊيلٽا ويريئينٽ مان سڀ کان وڌيڪ ڪراچي متاثر آهي.

هن چيو ته هي مڪمل لاڪ ڊائون ناهي، وڏي ٽرانسپورٽ بند ڪري رهيا آهيون، ننڍي ٽرانسپورٽ ويڪسينيشن جي لاءِ کليل رهندي، ايندڙ 9 ڏينهن لاءِ سرڪاري ادارن کي به بند ڪيو ويو آهي، ريٽيل ڪاروبار به بند رهندا.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪابينه گڏجاڻين سان گڏ شاگردن جي امتحانن کي به هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيون ٿا، جڏهن ته ريسٽورينٽن ۾ رڳو ڊليوري واري سهولت جي اجازت هوندي.

Read Previous

فحش فلمن جو ڪيس: راج ڪندرا جي آمدني جا تفصيل سامهون اچي ويا

Read Next

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ناجائزيون لڪائي نٿو سگهي: پاڪستان

Most Popular