ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ناجائزيون لڪائي نٿو سگهي: پاڪستان

پاڪستان چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضن جون حقيقتون لڪائي نٿو سگهي.

پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي حوالي سان تي ڀارتي نظام الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان ڀارتي پرڏيهي آفيس جا الزام رد ڪري ڇڏيا.

ترجمان پرڏيهي آفيس ڀارتي ناظم الامور کي ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي حوالي سان ڀارت جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي، آزاد ڪشمير جو عوام آزاد چونڊن مان لاڀ ماڻي رهيا آهن، جڏهن ته والاريل ڪشمير ڀارتي قبضي هيٺ رت ۾ وهنجاريو پيو وڃي.

Read Previous

سڀاڻي کان سموري سنڌ ۾ 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون

Read Next

حڪومت بجلي اگهن ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي

Most Popular