اين سي او سي جو ڪورونا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جو فيصلو

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا ڪيسن وڌڻ تي سنڌ حڪومت جي مدد جو فيصلو ڪيو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ڪراچي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

اين سي او سي موجب ڪورونا وائرس جا وڌندڙ ڪيس ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مد جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اسپتالن ۾ انتهائي نگهداشت وارڊز، آڪسيجن ۽ وينٽي ليٽرز بيڊ وڌايا ويندا جڏهن ته صوبي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

Read Previous

حڪومت بجلي اگهن ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي

Read Next

پاڪستان: ڪورونا جي لهر ۾ تيزي، وڌيڪ 86 فوتگيون ۽ 4500 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

Most Popular