پاڪستان: ڪورونا جي لهر ۾ تيزي، وڌيڪ 86 فوتگيون ۽ 4500 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر دوران فوتگين ۽ ڪيسن ۾واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 86 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 7.79 سيڪڙو رهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 58 هزار 203 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4537 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 86 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.79 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 23 هزار 295 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 10 لک 24 هزار 861 تائين پهچي ويا آهن.

Read Previous

اين سي او سي جو ڪورونا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جو فيصلو

Read Next

واپاري تنظيم سنڌ حڪومت جو لاڪ ڊائون وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

Most Popular