سپريم ڪورٽ ملازمن جي يوٽيلٽي الائونس ۾ واڌ ڪئي وئي

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس پاڪستان سپريم ڪورٽ ملازمن جي يوٽيليٽي الائونس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

رجسٽرار سپريم ڪورٽ گريڊ جي حساب سان الائونس وڌائڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب گذريل 1 کان 6 تائين جي ملازمن جو الائونس 4500 کان وڌائي 6 هزار رپيا ڪيو ويو جڏهن ته گريڊ 7 کان 10 تائين جي ملازمن جو الائونس 6 هزار کان وڌائي 8 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح گريڊ 11 کان 15 تائين جي ملازمن جو الائونس 6 هزار کان وڌائي 12 هزار ۽ گريڊ 16 کان 22 تائين جي سمورن ملازمن جو الائونس ڊبل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

وفاق جو به نين پابندين جو اعلان، مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ٿينديون

Read Next

ڪشمير پريميئر ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو

Most Popular