وفاق جو به نين پابندين جو اعلان، مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ٿينديون

وفاقي حڪومت ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سڀاڻي کان نين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي جي سربراهه ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري 3 آگسٽ کان وڌيڪ متاثر شهرن ۾ مارڪيٽون رات اٺ وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي.

هن چيو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن بازارون بند رهنديون، ريسٽورنٽس ۾ اِن ڊور ڊائئنگ بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته هوم  ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي.

اسد عمر موجب نيون پابنديون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين هونديون، واپار جي لاءِ وقت رات 8 وڳي تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هفتي ۾ ٻه ڏينهن واپار بند رهندو، موڪل ڪهڙي ڏينهن ڪرڻي آهي اُهو فيصلو صوبا پاڻ ڪندا.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 فوتگيون، 4858 نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

سپريم ڪورٽ ملازمن جي يوٽيلٽي الائونس ۾ واڌ ڪئي وئي

Most Popular