سنڌ حڪومت جو گهر گهر ڪورونا ويڪسينيشن جو اعلان

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ گهر گهر وڃي شهرين کي ڪورونا ويڪسين هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

موبائيل ويڪسي نيشن وين جو افتتاح ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب  جو چوڻ هو ته ڪالهه کان ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ موبائل ويڪسي نيشن شورع ڪنداسين،  ڪوشش آهي ته سمورين ضلعن ۾ موبائل ويڪسي نيشن شروع ڪيون.

بيرسٽر مرتضيٰ وهاب اِهو به چيو ته موبائيل ويڪسي نيشن سان شهرين کي وڌيڪ سولائي ٿيندي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان ڪراچي جي شهرين جا ٿورا مڃيندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن جي انگ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ پهرين اگسٽ تي سنڌ ۾ 2 لک 11 هزار ماڻهن ويڪسي نيشن ڪرائي .

Read Previous

ڪشمير پريميئر ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو

Read Next

طالبان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اهي ناهن مَٽيا: اشرف غني

Most Popular