طالبان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اهي ناهن مَٽيا: اشرف غني

افغانستان جي صدر اشرف غني دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ايندڙ 6 مهينن ۾ تبديل ٿي ويندي.

اشرف غني ڪابينا جي پهرئين ڊجيٽل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته طالبان افغان امن جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ۽ اهي افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تبديل نه ٿيڻ تائين امن واري عمل ۾ شامل نه ٿيندا.

هن چيو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ايندڙ ڇهن مهينن ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ افغان شهرين جي سلامتي اسان جي ترجيح آهي.

سندس چوڻ هو ته طالبان ناهن مَٽيا، اهي يا امن نٿا چاهين يا ته ملڪ جي ترقي نٿا چاهين ۽ طالبان باغي گروپن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي، طالبان اسان جي لاءِ ماضي جهڙو مستقبل بڻائڻ چاهين ٿا.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو گهر گهر ڪورونا ويڪسينيشن جو اعلان

Read Next

شايد شاداب خان مون کي پسند ڪندو آهي: ڪنزيٰ هاشمي

Most Popular