عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ نااميدي وڌي رهي آهي: بلاول

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ نااميدي وڌي رهي آهي.

هن بيان ۾ بلاول ڀُٽو جو چوڻ هو ته کوکلي حڪومت پنهنجا واعدا ڪاغذ تي لکڻ جي لائق به ناهي.

هن چيو ته نااميدي وڌي رهي آهي ۽ ان جو سبب 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا واعدا ڪندڙ شخص آهي.

پيپلزپارٽي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سليڪٽڊ حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي امير دوستن ۾ فائدا ورهائڻ ۾ پورو آهي، کيس ٻيو ڪجهه اچي ئي نٿو.

سندس چوڻ هو ته ترقي جا واعد ڪندڙ عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، قوم هاڻوڪي نااهل ۽ نالائق حڪومت جو ٻوجهه برداشت ڪري رهي آهي.

Read Previous

چيف جسٽس خلاف غيرمناسب ٻولي ڳالهائڻ تي 2 وزيرن سميت پيپلزپارٽي جا 15 اڳواڻ طلب

Read Next

پاڪستاني اداڪاره اشنا شاهه به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

Most Popular