چيف جسٽس خلاف غيرمناسب ٻولي ڳالهائڻ تي 2 وزيرن سميت پيپلزپارٽي جا 15 اڳواڻ طلب

جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائيم سرڪل چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جي ٻن وزيرن ۽ پيپلزپارتي جي 8 اسيمبلي ميمبرن سميت 15 اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي طرفان سنڌ حڪومت جي ٻن وزيرن سميت 15 ئي ڄڻن کي اهڙو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

اختيارين ٻڌايو تته سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه، تعليم واري وزير سعيد غني، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهلا رضا، ناز بلوچ، نفيسه شاهه، شاهدا رحماني، قادر مندو خيل ۽ قادر پٽيل کي به ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل طلب ڪري ورتو آهي. سمورن اڳواڻن کي 12 ۽ 13 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.

Read Previous

سام سنگ هلندڙ سال جي سستي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

Read Next

عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ نااميدي وڌي رهي آهي: بلاول

Most Popular