 
									                                سنڌ ڪابينا ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي صلاح مشورا به شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۽ ڪابينا جي ميمبرن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آهن.
ذريعن موجب سنڌ ڪابينا ۾ نوان ماڻهو شامل ڪياويندا، سهيل انور سيال، اسماعيل راهو، نثار کهڙي ۽ هري رام ڪشوري لال جون وزارتون وڃڻ جا امڪان آهن.
ذريعن اهو به چيو آهي ته منظور وساڻ، ڄام خان شورو، رياض شيرازي ۽ ساجد جوکيي کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
سنڌ ڪابينا ۾ هڪ ٻن ڏينهن اندر تبديلين جو امڪان آهي.
 
         
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
							  
							  
							 