وزيراعظم جو سنڌ ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو

) وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سنڌ اسٽريٽجي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، حليم عادل شيخ، چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي، عامير ڪياني ۽ سيف الله ابڙي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي سرگرم ڪردار تي به غُور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي طئي ڪيو ويو ته سمگلنگ، منشيات ۽ بدامني جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم به جلد سنڌ جو دورو ڪندو.

Read Previous

سنڌ ڪابينا ۾ تبديلين جو فيصلو، ڪير ايندو؟ ڪير ويندو؟

Read Next

گرين بيلٽ ۽ ٻين جاين تان فورسز کي علائقا خالي ڪرڻ جو چيو آهي:فواد چوڌري

Most Popular