پيسي جي بک ناهي جو فلمن جو حصو بڻجڻ لاءِ هر ناجائز ڳالهه مڃان: نرگس فخري

ڀارتي اداڪارا نرگس فخري انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي ڊائريڪٽرز جون نامناسب ڳالهيون نه مڃڻ تي ڪيترين ئي فلمن تان هٿ کڻڻو پيو.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا نرگس فخري چيو ته آئون هڪڙيون حدون مقرر ڪيون آهن، مون کي شهرت، پيسي جي بک نه آهي جو فلمن جو حصو بڻجڻ لاءِ هر ناجائز ڳالهه مڃان.

هن چيو ته ڊائريڪٽرز ۽ پروڊيوسرز جي نامناسب روين جو ڏک ٿيندو هو پر آئون اهڙن روين کي دل ۾ نه ڪندي هيس.

Read Previous

پاڪستان دهشتگرد موڪلڻ وارا ڀارتي الزام رد ڪري ڇڏيا

Read Next

فيسبڪ جون پرائيويسي سيٽنگز هڪ ڀيرو وري تبديل

Most Popular