پاڪستان دهشتگرد موڪلڻ وارا ڀارتي الزام رد ڪري ڇڏيا

)پرڏيهي آفيس ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) وٽان مبينه دهشتگرد سرحد پار موڪلڻ واري الزامن کي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري ڀارتي ميڊيا جا الزام ڪوڙ تي ٻڌل ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته ڪشمير ۾ 9 لک کان مٿي ڀارتي فوجي مقرر آهي ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگهي؟ والاريل جمون ۽ ڪشمير دنيا ۾ سڀ کان مٿي فوج جي موجودگي وارو علائقو آهي جتي ڀارت چپي چپي تي ڪنڊي تارون، سيڪيورٽي نظام ۽ سيڪيورٽي جا جديد ترين اوزار نصب ڪري ڇڏيا آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته ڀارت سدائين ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ اهڙا الزام ورجائيندو رهندو آهي ۽ دنيا کي خبر آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف بغض تي ٻڌل ڪردار ڪشي واري مهم هلائي رهيو آهي، ڀارت جا اهي مقروهه ارادا ڊس انفوليب پڪڙجڻ کانپوءِ بي نقاب ٿي چڪا آهن.

Read Previous

بلاول ڀٽو جو تاريخي خطاب، ايندڙ حڪومت ۽ بلوچستان ۾ جيالو وزيراعليٰ آڻڻ جي دعويٰ

Read Next

پيسي جي بک ناهي جو فلمن جو حصو بڻجڻ لاءِ هر ناجائز ڳالهه مڃان: نرگس فخري

Most Popular